راولپنڊي: پاڪستان جي چيف آف ڊفينس فورسز عاصم منير سان لبنان جي آرمي چيف جنرل روڊولف ھيڪل ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، لبناني آرمي چيف جنرل روڊولف هيڪل جي جي ايڇ ڪيو آمد تي پاڪستاني هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقي ۾ سلامتي جي واڌاري، دفاعي سهڪار ۽ ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه موجب، ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوجن وچ ۾ پيشاور لاڳاپن، تربيتي سهڪار ۽ اداري سطح جي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير لبنان سان پاڪستان جي پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جي اهميت کي ٻيهر اجاگر ڪندي چيو ته پاڪ فوج لبناني هٿياربند فوج سان دفاعي سهڪار کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.
لبناني آرمي چيف جنرل روڊولف هيڪل پاڪستاني هٿياربند فوج جي پيشاور صلاحيتن ۽ عملي مهارتن کي ساراهيو ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ عالمي امن مشنن ۾ سندن خدمتن جي ساراھ ڪئي.
هي دورو ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته پاڪستان ۽ لبنان جون فوجون فوجي سطح تي گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل عزم رکن ٿيون.