شي جن پنگ جو اتر ڪوريا پهچڻ تي شاندار استقبال، ڪم جونگ اُن سان اعليٰ سطحي ملاقات

فہرستِ مضامین

چيني صدر شي جن پنگ اتر ڪوريا جي راڄڌاني پيانگ يانگ پهچي ويا، جتي اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ اُن پنهنجي زال ري سول جو سان گڏ هوائي اڏي تي سندن استقبال ڪيو.

چيني سرڪاري خبر ايجنسي موجب شي جن پنگ جو هي دورو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو آهي ۽ 2019 کان پوءِ پهريون ڀيرو آهي.

بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن مطابق سنان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو هو ۽ اعزازي فوجي دستو به موجود هو.

اتر ڪوريا جي ٻارن شي جن پنگ ۽ خاتونِ اول پنگ لي يوان کي گل پيش ڪيا.

ڪم اِل سنگ اسڪوائر ۾ سرڪاري استقباليه تقريب جو پڻ انتظام ڪيو ويو۔

شي جن پنگ جي آمد کان پوءِ ڪم اِل سنگ اسڪوائر ۾ باقاعده استقباليه تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي فوجي بينڊ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ۽ 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي.

شي جن پنگ ۽ ڪم جونگ اُن اعزازي دستن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي هزارين شهرين، شاگردن ۽ ٻارن چين ۽ اتر ڪوريا جا جهنڊا کڻي موجود هئا ۽ ٻنهي ملڪن جي دوستي جي حق ۾ نعرا لڳايا. تقريب جي آخر ۾ فضائن ۾ غبارا پڻ ڇڏيا ويا.

چيني صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ پيانگ يانگ پهتو آهي، جنهن ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ اي ۽ ٻيا سينيئر عملدار شامل آهن.

استقباليه تقريب کان پوءِ شي جن پنگ ۽ سندس زال ڪومسوسان اسٽيٽ گيسٽ هائوس روانا ٿيا، جتي سندن رهائش جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

رپورٽن موجب هن دوري جو شيڊول گهڻي حد تائين جون 2019 واري دوري جهڙو آهي، جڏهن ڪم جونگ اُن پاڻ هوائي اڏي تي شي جن پنگ جو استقبال ڪيو هو ۽ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڪيترائي ملاقاتون ٿيون هيون.

هاڻي تائين شي جن پنگ ۽ ڪم جونگ اُن وچ ۾ 6 ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته آخري ملاقات گذريل سال سيپٽمبر ۾ بيجنگ ۾ ٿي هئي.

اتر ڪوريا جي ايٽمي پروگرام بابت چين ماضي ۾ تحفظات ظاهر ڪندو رهيو آهي، پر گذريل سالن ۾ بيجنگ ان موضوع تي کليل ڳالهه ٻولهه کان پاسو ڪيو آهي.

بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب دوري کان اڳ ڪم جونگ اُن يورينيم افزودگي مرڪز، ايٽمي صلاحيت رکندڙ جنگي جهازن ۽ ميزائل فيڪٽرين جو دورو ڪيو، جنهن کي مبصرن چين ڏانهن واضح پيغام قرار ڏنو آهي ته پيانگ يانگ پنهنجي ايٽمي پروگرام تي ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نٿو چاهي.

ٻئي پاسي ڪم جونگ اُن جي ڀيڻ ڪم يو جونگ پڻ آچر جي ڏينهن هڪ بيان ۾ آمريڪا تي تنقيد ڪندي اڻ سڌي طرح چين کي ياد ڏياريو ته اتر ڪوريا جي ايٽمي پروگرام جو معاملو بحث هيٺ نه آندو وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں