وزيراعظم جي صدارت هيٺ اڄ ٿيڻ وارو قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي۔
ذريعن موجب قومي اقتصادي ڪائونسل جي ميمبرن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير شامل آهن، جڏهن ته اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي قومي ترقياتي بجيٽ کي منظوري لاءِ پيش ڪرڻو هو۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ معاملن تي اتفاق نه ٿيڻ سبب اڄ اجلاس نه ٿيندو۔
ذريعن موجب قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم هائوس جي شيڊول ۾ شامل ناهي، هاڻي اهو اجلاس سڀاڻي اڱاري ڏينهن ٿيڻ جو امڪان آهي۔
واضح رهي ته مالي سال 2026-27 جي سالياڻي بجيٽ 10 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان آهي۔