تهران: ايران لبنان جي گادي واري شهر بيروت تي اسرائيلي حملن جي جواب ۾ اسرائيل تي ميزائل فائر ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ صهيوني رياست به جوابي ڪارروائي ڪندي ايران تي بمباري شروع ڪري ڇڏي آهي.
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايران طرفان اسرائيل تي ميزائل فائر ڪيا ويا آهن ۽ فضائي دفاعي نظام انهن حملن کي ناڪام بڻائي رهيو آهي. ميزائل لانچ جو پتو پوڻ بعد حيفا ۽ اتر اسرائيل جي ٻين علائقن ۾ سائرن وڄايا ويا، جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن دوران ممڪن حملن جي خدشي سبب اسرائيل هاءِ الرٽ تي آهي.
ايران پنهنجا ميزائل فائر ڪري ڇڏيا، هاڻي ايترو ئي ڪافي آهي: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي جوابي حملي کانپوءِ ردعمل ڏيندي چيو ته هو ايران کي صلاح ڏيندو ته توهان پنهنجا ميزائل فائر ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي ايترو ئي ڪافي آهي، ايران ڳالهين جي ميز تي واپس اچي ۽ معاهدو ڪري. هن چيو ته آمريڪي فوج به الرٽ آهي.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته بيروت تي اڄ ٿيل اسرائيلي حملي تي خوش ناهيان ۽ نيتن ياھو سان رابطو ڪري رھيو آھيان اسرائيلي وزيراعظم کي چوندس تہ جوابي حملو نہ ڪري.
ٽرمپ جي اپيل باوجود اسرائيل جو ايران تي حملو، ڪيترائي ڌماڪا
آمريڪي صدر جي اپيل باوجود اسرائيل ايران تي جوابي حملو ڪري ڇڏيو. اسرائيلي فوج موجب اولهه ۽ وچ ايران ۾ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو ۽ اها ڪارروائي ايران جي حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي.
لبنان ۾ ڪارروايون جاري رهنديون: اسرائيلي فوج
پريس ڪانفرنس دوران اسرائيلي فوج جي ترجمان ايفي ڊفرين چيو ته ايران جو اسرائيل تي حملو هڪ وڏي ۽ سنگين غلطي هئي. هن چيو ته فوجي قيادت جاري حملن جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ مستقبل جي منصوبابندي کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اسرائيلي فوج لبنان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکندي.
طبريه ويجهو ايراني ميزائل نشاني تي لڳڻ جي دعويٰ
اکين ڏٺن شاهدن موجب اسرائيل جي علائقي طبريه ويجهو هڪ ايراني ميزائل پنهنجي نشاني تي لڳو، پر اسرائيلي ٽي وي چينل 12 اسرائيلي اختيارين جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته فضائيه هيل تائين فائر ڪيل سڀئي ميزائل ڪاميابي سان تباهه ڪري ڇڏيا آهن.
اسرائيلي فوجي ذريعن موجب به گهڻا يا سمورا ميزائل رستي ۾ ئي تباهه ڪيا ويا. بهرحال، اهي دعوائون في الحال فوجي ذريعن ۽ اکين ڏٺن شاهدن تي ٻڌل آهن، جن جي آزاد ذريعن سان تصديق نه ٿي سگهي آهي.
اسرائيلي هوم فرنٽ ڪمانڊ شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو حفاظتي هدايتن تي عمل ڪن ۽ الرٽ رهن، ڇاڪاڻ ته صورتحال اڃا تبديل ٿي سگهي ٿي.
حزب الله جا ڊرون ۽ ميزائل حملا
حزب اللھ دعويٰ ڪئي آهي ته هن لبناني سرحد ۽ اتر اسرائيل ويجهو اسرائيلي فوجي پوزيشنن ۽ فوجين جي اجتماع تي ڊرونز ۽ ميزائلن ذريعي ڪيترائي حملا ڪيا آهن.
اولهه ايران جون فضائي حدون بند
ايران طرفان اسرائيل تي جوابي حملي کانپوءِ اولهه ايران جي فضائي حدن کي اڻڄاتل مدي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
عراقي سول ايوي ايشن اختيارين موجب فضائي حدون عارضي طور بند ڪيون ويون آهن، جڏهن ته شام به پنهنجي ڏاکڻي فضائي حدن کي 12 ڪلاڪن لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ دمشق ايئرپورٽ تي آپريشن معطل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته اسرائيلي فوج طرفان ايران جي ميزائل حملي جي دعويٰ آچر ڏينهن بيروت جي ڏاکڻن مضافات تي اسرائيلي حملي کانپوءِ سامهون آئي، جنهن ۾ جاني نقصان جون به خبرون آهن.
ايراني اختيارين اڳ ئي لبناني گادي واري شهر تي اسرائيلي حملي جي جواب ۾ ڪارروائي جي وارننگ ڏني هئي. تازن حملن کانپوءِ پاسداران انقلاب خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل لبنان تي حملا بند ڪري، ٻي صورت ۾ نتيجا وڌيڪ تباهه ڪندڙ هوندا.