واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعتراف ڪندي چيو آهي ته ايران طاقت ۽ بهادري سبب جنگ بندي واري معاهدي تي اتفاق نه ڪيو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي ميزائلن جي ذخيري ۾ واضح گهٽتائي اچي چڪي آهي ۽ آخرڪار ان وٽ معاهدي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه رهندو.
اين بي سي نيوز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايران وٽ هاڻي رڳو 21 کان 22 سيڪڙو ميزائل باقي بچيا آهن. سندس چوڻ هو ته ايران اهڙا قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندو، جن جو هن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو.
صدر ٽرمپ چيو ته جاري تڪرار ۽ ان جي حل ۾ وقت لڳندو آهي ۽ اهڙا معاملا فوري طور حل ناهن ٿيندا. بهرحال، صورتحال اهڙي طرف وڌي رهي آهي جتي ايران کي ڳالهين ۽ معاهدي ڏانهن اچڻو پوندو.
ان کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو هو ته سندس انتظاميا ايران جي معاملي ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هوندا، ۽ ايران اهڙي پوزيشن ۾ به ناهي جو ايٽمي هٿيار رکي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته آبنائي هرمز مان ڪيترائي تيل کڻندڙ جهاز گذريا آهن، مان انهن جو انگ ٻڌائڻ نٿو چاهيان. آبنائي هرمز وارو بحران حل ٿيڻ ۾ وڌيڪ وقت نه لڳڻ گهرجي، ۽ صورتحال معمول تي اچڻ کانپوءِ تيل جون قيمتون گهٽجي وينديون.
صدر ٽرمپ چيو ته ممڪن آهي تيل جون قيمتون اڳ کان به وڌيڪ گهٽ ٿي وڃن.