ايران سان ڪنهن به معاهدي کان سواءِ به افزودہ يورينيم حاصل ڪري سگهجي ٿو: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڪنهن معاهدي کان سواءِ به افزودہ يورينيم حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ جيڪڏهن ايران آمريڪي فوج تي حملو ڪري ته اهو جنگ جي ٻيهر شروعات جو جواز بڻجي سگهي ٿو.

وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ڪنهن به ممڪن معاهدي تحت ايران کي ايٽمي هٿيار رکڻ جي اجازت نه هوندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران سان معاهدو ٿي وڃي ته آبناءِ ھرمز کي فوري طور کوليو ويندو.

هن چيو ته هو ايراني سپريم ليڊر سان ملاقات ڪرڻ نٿو چاهيان پر جيڪڏهن ايران سان معاهدو ٿي وڃي ته پوءِ اهڙي ملاقات ممڪن ٿي سگهي ٿي. هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته “توهان جلد ئي ڄاڻي ويندؤ ته ايران سان معاهدو آخر ڇا آهي.”

صدر ٽرمپ چيو ته امن جو قيام لبنانلاءِ فائديمند هوندو، ۽ لبنان جي صورتحال تي نظر رکڻ ضروري آهي. هن اهو به ٻڌايو ته هن حزب اللھ سان لبنان جي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

يوڪرين روس جنگ بابت ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته تڪرار جي حل لاءِ مصالحت ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن يوڪرين جو صدر زيلنسڪي ۽ روسي صدر پيوٽن ملاقات ڪن تہ اھو تمام سٺو ٿيندو.

ايران تي حملو نه ڪرڻ جو فيصلو

ان کان اڳ به خبر آئي هئي ته صدر ٽرمپ پنهنجي ويجهن صلاحڪارن کي ٻڌايو آهي ته هو ايران سان جنگبندي ختم ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي، جيستائين ايران سڌي طرح آمريڪي فوجين کي قتل نه ڪري.

ان حوالي سان آمريڪي اخباروال اسٽريٽ جرنل هڪ رپورٽ موجب ٽرمپ جو هي موقف ظاهر ڪري ٿو ته هو تڪرار کي هڪ وڏي علائقائي جنگ ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ چاهي ٿو. رپورٽ موجب آمريڪي صدر محدود نوعيت جي واقعن ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو ته جيئن وچ اوڀر ۾ وڏي پيماني تي ٽڪراءُ کان بچي سگهجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں