وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ بي زبان جانور تي تشدد ڪنھن بھ صورت ۾ برداشت نھ ڪيو ويندو. وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي واقعي ۾ ملوث جوابدار خلاف ڪارروائي جي ھدايت ڪندي چيو تھ بي زبان جانور سان اھڙو ظلم معاشري لاءِ ڏکوئيندڙ آھي.
وڏي وزير زخمي جانور کي فوري طور تي طبي امداد فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪندي چيو تھ قانون ھٿ ۾ کڻندڙ ڪنھن بھ شخص سان رعايت نھ ڪئي وڃي.
ھوڏانھن جيڪب آباد جي ڪريم بخش کوسو ۾ جوابدار گڏھھ کي ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪري وڌو.
گڏھھ جي مالڪ شاھمراد بروھي جو چوڻ آھي تھ اطلاع جي باوجود پوليس ناھي پھتي، مولا بخش بروھي جي گھر ۾ گڏھھ داخل ٿيو جنھن بعد ھن ڪھاڙيون ھڻي گڏھ کي زخمي ڪري وڌو آھي.