(مانيٽرنگ ڊيسڪ)
جڏهن 2008 جو عالمي مالي بحران آيو هو، تڏهن دنيا کي لڳو هو ته شايد اهڙو طوفان ٻيهر نه ايندو. پر تاريخ جو هڪ پنهنجو مزاج هوندو آهي اهو پاڻ کي نون روپن ۾ ٻيهر ورجائيندو آهي. اڄ عالمي معيشت ٻيهر اهڙي ئي موڙ تي بيٺي نظر اچي ٿي، جتي خطرا نظر ته اچن ٿا، پر انهن جي شدت جو صحيح اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي.
2008ع ۾ بحران جو مرڪز بئنڪون هيون، Lehman Brothers جي ڏيوالپڻي سڄي نظام کي لوڏي ڇڏيو. پر اڄ جو خطرو وڌيڪ ڏکيو آهي. مالي منڊيون هاڻي ايتريون ڳنڍيل ۽ جڙيل آهن، جو هڪ ننڍڙو جھٽڪو به عالمي طوفان بڻجي سگهي ٿو. قرض مٿان قرض، يعني “ليوريج تي ليوريج”، اهڙي ڪمزور ڍانچي کي جنم ڏئي رهيو آهي، جنهن جي مضبوطي صرف ظاهري آهي.
توانائي جو عنصر به وري ساڳيو ئي منظر پيش ڪري رهيو آهي. 2008ع ۾ تيل جي قيمتن آسمان کي ڇهيو هو، ۽ اڄ وري ساڳي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. ايران سان جغرافيائي تڪرار ۽ عالمي طلب ۾ واڌ تيل کي ٻيهر مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن توانائي مهانگي ٿئي ٿي ته ان جا اثر سڌي ريت عام ماڻهو جي زندگيءَ تائين پهچن ٿا. مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي سست رفتاري ان جا فطري نتيجا آهن.
پر هن ڀيري هڪ نئون عنصر به شامل ٿي چڪو آهي، مصنوعي ذهانت، اربين نه، پر ٽريلين ڊالر هن شعبي ۾ لڳايا پيا وڃن. بل گيٽس جهڙا ماڻهو به ان کي “ديوانگي” سڏين ٿا. S&P 500 جو وڏو حصو صرف ڪجھھ ٽيڪنالاجي ڪمپنين وٽ مرڪوز ٿيڻ، مارڪيٽ کي غير متوازن بڻائي رهيو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به هڪ شعبي ۾ حد کان وڌيڪ سيڙپڪاري ٿئي ٿي، ته Dot-com bubble جهڙو انجام سامهون اچي سگهي ٿو.
سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته جيڪڏهن بحران اچي ٿو ته ڇا دنيا وٽ ان کي سنڀالڻ جي سگهه موجود آهي؟ 2008ع ۾ حڪومتن بئنڪن کي بچائڻ لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪيا، مرڪزي بئنڪن وياج گهٽايو ۽ عالمي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي۔ پر اڄ حالتون مختلف آهن. حڪومتن جو قرض اڳ ئي پنهنجي حدن کي ڇهي چڪو آهي، COVID-19 pandemic ۽ ٻين بحرانن انهن جي وسيلن کي گهٽائي ڇڏيو آهي. ماهر محمد الايريان جي لفظن ۾، اهو اهڙي فائر بريگيڊ آهي جنهن وٽ پاڻي ختم ٿي ويو هجي.
ان کان به وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه عالمي سياست آهي. 2008ع ۾ دنيا گڏ ٿي وئي هئي، پر اڄ عالمي طاقتون پاڻ ۾ ورهايل آهن. واپاري جنگيون، علائقائي تڪرار ۽ قومي مفادن جي سياست گڏيل عمل کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف به خبردار ڪري چڪو آهي ته پاليسي جي گنجائش گهٽجي چڪي آهي ۽ عالمي تعاون ڪمزور ٿي ويو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ اصل خطرو صرف بحران جو اچڻ ناهي، پر ان جو شدت سان اچڻ آهي، ڇو ته جڏهن نظام پيچيده هجي، وسيلن جي کوٽ هجي ۽ عالمي اتحاد ڪمزور هجي، ته ننڍڙو جهٽڪو به وڏي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
آخر ۾ سوال اهو ناهي ته بحران ايندو يا نه پر اهو آهي ته جڏهن ايندو، ته دنيا ان کي ڪيئن منهن ڏيندي؟ شايد اسان وري ساڳئي رستي تي آهيون، پر هن ڀيري سفر وڌيڪ اونداهو ۽ اڻڄاتل لڳي ٿو.