لائیو ڀارتي اسٽينڊ اپ ڪاميڊين منور فاروقي جي گھر ڌيءَ جي پيدائش

فہرستِ مضامین

ڀارتي اسٽينڊ اپ ڪاميڊين منور فاروقي ۽ سندس گھرواري ماھ جبين ڪوٽوالا جي گھر ڌيءَ جي پيدائش ٿي آھي.

اداڪار ۽ ڪاميڊين منور فاروقي گذريل رات سوشل ميڊيا تي ان خوشخبري جو اعلان ڪيو ۽ اسپتال مان تصوير بھ شيئر ڪئي.

ھن پنھنجي پيغام ۾ لکيو تھ منھنجي گھر برڪت آئي آھي ۽ مداحن کان دعا جي درخواست ڪئي.

تصوير ۾ اداڪار جي ٻي گھرواري ماھ جبين کي تازو ڄاول ٻار ھنج ۾ کنيل ڏسي سگھجي ٿو.

ياد رھي تھ منور فاروقي جي ھيءَ ٻي شادي آھي، سندس پھرين گھرواري جيسمين مان ھڪ پٽ ميڪائل بھ آھي.

ھڪ انٽرويو دوران منور فاروقي ٻڌايو ھو تھ مون پنھنجي پٽ جي خاطر ٻي شادي جو فيصلو ڪيو تھ جيئن ان سان وڌيڪ وقت گذاري سگھان.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں