لائیو سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ 5 درخواستگذارن کي فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

فوتي ڪوٽا بابت ڪيسن جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو تھ فوتي ڪوٽا تحت حاصل حق ختم نٿو ڪري سگھجي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو ماضي جي معاملن تي لاڳو نٿو ٿئي.

ٻڌڻي دوران وڪيل چيو تھ ڊپارٽمنٽل ريڪروٽمنٽ ڪميٽي بھ مقرر جي سفارش ڪئي ھئي.

سرڪاري وڪيل چيو تھ سپريم ڪورٽ جي ڪوٽا تي نوڪرين جي فيصلي بعد درخواستگذارن جون مقرريون رد ڪيون، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد اھي مقرريون ممڪن ناھن رھيون.

عدالت چيو تھ ملازم جي وفات جي فورن بعد وارثن کي حق حاصل ٿي وڃي ٿو، مقرري جو ليٽر جاري ٿيڻ صرف انتظامي ڪارروائي آھي، درخواستگذارن کي 15 ڏينھن ۾ مقرري ليٽر جاري ڪيا وڃن.

واضح رھي تھ مختلف درخواستگذارن والدين جي وفات بعد ملازمت لاءِ درخواستون داخل ڪيون ھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں