لائیو ڪراچي وارا ٿي وڃو ھوشيار، ھلندڙ مھيني سخت گرمي ۽ ھيٽ ويو جو الرٽ جاري

فہرستِ مضامین

ڪراچي: مئي جي مھيني ۾ ڪراچي وارا ٿي وڃن تيار، موسميات کاتي سخت گرمي ۽ ھيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ان کان سواءِ  سينٽرل ۽ اپر سنڌ ۾ بھ ھيٽ ويو جي لھر 3 مئي تائين برقرار رھندي.

ڄامشورو، دادو، نوابشاھھ ۽ خيرپور سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ گرمي معمول کان 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رھڻ جو خدشو آھي، لاڙڪاڻي، سکر ۽ جيڪب آباد ۾ بھ گرمي عروج تي رھندي، ڪراچي ۾ ايندڙ ٽي ڏينھن موسم گرم رھندو.

اڄ گرمي 39 ڊگري تائين پھچڻ جو امڪان آھي، ھوا ۾ نمي جو تناسب 75 سيڪڙو تائين رھڻ سبب گرمي جي شدت اصل درجھ حرارت کان وڌيڪ محسوس ٿيندي.

موسميات کاتي شھرين خاص طور تي ٻارڙن ۽ بزرگن کي بنا ضرورت سج ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ پاڻي جو استعمال وڌ کان وڌ ڪرڻ جي صلاح ڏني آھي، آبادگارن کي بھ ھدايت ڪئي وئي آھي تھ اھي ڪڻڪ جي فصل ۽ چوپائي مال کي گرمي کان بچائڻ لاءِ قدم کڻن.

موسميات کاتي جو چوڻ آھي تھ ڏينھن جي وقت سڌي ريت سج جي تپش کان بچو ۽ احتياطي تدبيرون اختيا ڪريو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں