اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير محسن نقوي جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ۾ وفاقي گادي واري شھر ۾ جاري عوامي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ نون منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي سموري رڪارڊ کي 120 ڏينھن جي اندر ڊجيٽلائز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گھرو وزير جو چوڻ ھو ھو تھ ان قدم سان شھري پنھنجي درخواستن جي صورتحال پاڻ آن لائن معلوم ڪري سگھندا.
محسن نقوي واضح ڪيو تھ اسلام آباد ۾ ڪنھن بھ غير قانوني ھائوسنگ سوسائٽي کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نھ ڏني ويندي، اجلاس ۾ نئين ڪنونشن سينٽر، ايڪسپو سينٽر ۽ اسلام آباد ارينھ جي تعمير لاءِ ٽن بين الاقوامي ڪمپنين جي پري ڪواليفڪيشن مڪمل ٿيڻ بابت آگاھ ڪيو ويو، جڏھن تھ ھدايت ڪئي وئي تھ اھي منصوبا شنگھائي تعاون تنظيم سمٽ کان اڳ مڪمل ڪيا وڃن.
اجلاس ۾ ايف-6 ۾ خدمت مرڪز جي قيام لاءِ ايراضي مختص ڪرڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو، شھرين کي جديد تفريحي سھولتون فھرام ڪرڻ لاءِ ٽاپ گالف، ھاٽ ايئر بيلون، زپ لائن، واٽر پارڪ ۽ اميوزمنٽ پارڪ منصوبن تي جلد ڪم شروع ڪرڻ جي ھدايت ڏني وئي.
گھرو وزير راندين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ جديد اسپورٽس ڪمپليڪس ٺاھڻ تي زور ڏنو، جڏھن تھ ايف نائن پارڪ کي ھائيڊ پارڪ جي طرز تي ترقي ڏيڻ ۽ شاھدرھ ڊيم جي آسپاس تفريحي سھولتن جا جامع منصوبا طلب ڪري ورتا.
اجلاس ۾ ايڪسپريس وي ۽ ڪلب روڊ جي بيوٽيفڪيشن ۽ لائٽنگ جو ڪم فوري شروع ڪرڻ جي بھ ھدايت ڏني وئي.
محسن نقوي سي ڊي اي ۾ ڪرپشن اسڪينڊل بي نقاب ڪرڻ تي سي ڊي اي جي چيئرمين سھيل اشرف ۽ ميمبر اسٽيٽ زمان وٽو جي ساراھ ڪندي چيو تھ ڪرپشن ۾ ملوث ڪنھن بھ فرد کي ڪا بھ رعايت نھ ڏني ويندي.
اجلاس ۾ سي ڊي اي جي چيئرمين طرفان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو تھ ايڪسپريس وي تي سروس روڊ جي تعمير پلاننگ ڊويزن جي منظوري بعد شروع ڪئي ويندي.