ڇا مصنوعي ذھانت ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولرز کي تبديل ڪري ڇڏيندي؟

فہرستِ مضامین

آمريڪي حڪومت ملڪ جي پراڻي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ 12.5 ارب ڊالرز جي وڏي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنھن ۾ مصنوعي ذھانت (AI) کي بھ معاون ڪردار ڏنو ويندو.

آمريڪي ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري شين ڊفي ھڪ انٽرويو ۾ واضح ڪيو تھ اي آءِ کي انساني ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولرز جي جاءِ نھ ڏني ويندي.

ھن جو چوڻ آھي تھ اي آءِ ھڪ ٽول آھي، پر فضائي نظام جي نگراني انسان ئي ڪندا، اھو نٿو ٿي سگھي تھ اي آءِ انھن کي تبديل ڪري.

ھن چيو تھ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول دنيا جو سڀ کان وڌيڪ دٻاءُ وارن شعبن مان ھڪ آھي ۽ ان ۾ انساني نگراني اڻٽر آھي.

نئين منصوبي تحت اي آءِ سافٽ ويئر کي فلائٽ شيڊولز ۽ فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن (ايف اي اي) جي ڊيٽا کي ھڪ ھنڌ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو تھ جيئن ممڪنھ رش ۽ مسئلن جي پھريان ئي سڃاڻپ ڪري سگھجي.

ان نظام ذريعي ھفتا اڳ ئي ممڪنھ دير ۽ ٽريفڪ جام جي نشاندھي ڪري ننڍين تبديلين جي سفارش ڪري سگھبي جيئن اڏامن جي وقت ۾ ڪجھھ منٽن جي تبديلي.

عملدارن موجب آمريڪي ڪانگريس ان اپ گريڊيشن لاءِ 12.5 ارب ڊالرز جي منظوري ڏني آھي جنھن تحت اڃا تائين نظام جي وڏي حصي کي جديد بڻايو ويو آھي جنھن ۾ وائرنگ جي تبديلي، ريڊيو سسٽمز جي اپ گريڊيشن ۽ ايئر پورٽس تي نئين ٽيڪنالاجيءَ جي تنصيب.

جڏھن تھ اي آءِ تي ٻڌل مڪمل سافٽ ويئر اڃا فنڊنگ جو منتظر آھي جنھن جي لاڳت 6 کان 10 ارب ڊالرز تائين ٻڌائي پئي وڃي.

عملدارن موجب ان جو مقصد انساني غلطين کي گھٽ ڪرڻ ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولرز کي بھتر فيصلي ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں