50 ورھين جي برطانوي فٽبالر هڪ ئي ميچ ۾ 7 گول ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

انگلينڊ جي مشهور فٽبالر جوڊ بيلنگهم جي والد مارڪ بيلنگهم 50 ورهين جي عمر ۾ انگلينڊ جي ويٽرنز فٽبال ٽيم طرفان ڊيبيو ڪندي هڪ ئي ميچ ۾ 7 گول اسڪور ڪري ورتا.

پرڏيهي ميڊيا موجب مارڪ بيلنگهم انگلينڊ جي اوور 50 ٽيم طرفان جمهوريه آئرلينڊ خلاف ميچ کيڏي، جنهن ۾ انگلينڊ مخالف ٽيم کي 1 جي مقابلي ۾ 13 گولن تان شڪست ڏني.

مارڪ بيلنگهم پهرين هاف ۾ 6 گول ڪيا، جڏهن ته ٻئي هاف ۾ هڪ وڌيڪ گول ڪرڻ سان گڏ هڪ گول ڪرڻ ۾ مدد پڻ ڪئي.

رپورٽ موجب مارڪ پنهنجي فٽبال ڪيريئر دوران 17 سال نان ليگ فٽبال کيڏي ۽ 22 مختلف ڪلبن جي نمائندگي ڪئي. هو پنهنجي ڪيريئر ۾ 700 کان وڌيڪ گول ڪرڻ سبب پڻ مشهور آهي.

هن 2019ع ۾ پروفيشنل فٽبال تان رٽائرمينٽ ورتي هئي، پر ويٽرنز فٽبال ٽورنامينٽس ۾ کيڏندو رهيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں