هالي ووڊ جي مشهور فلم ’لوگن‘ ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا ڊيفني ڪين انڪشاف ڪيو آهي ته کيس رڳو 11 کان 13 سالن جي عمر دوران فلمي تقريبن ۽ پارٽين ۾ منشيات جي آڇ ڪئي ويندي هئي.
21 ورهين جي اداڪارا پوڊڪاسٽ ’انسائيڊ آف يو‘ ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته ننڍي عمر ۾ هالي ووڊ جي فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ کانپوءِ کيس اهڙن ڪيترن ئي تجربن کي منهن ڏيڻو پيو، جن کيس منشيات ۽ شراب کان پري رهڻ جو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
ڊيفني ڪين موجب، فلمن جي شوٽنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٿيندڙ پارٽين ۾ کيس ڪوڪين جي آڇ ڪئي ويندي هئي، پر هن هر ڀيري انڪار ڪيو.
اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ اڄ به شراب ۽ منشيات کان پري رهي ٿي ۽ دوستن سان گڏ تقريبن ۾ شرڪت باوجود ڪنهن به قسم جو نشو نٿي ڪري.
ڊيفني ڪين فلم ’لوگن‘ ۾ پنهنجي ساٿي اداڪار هيو جيڪمين جي به واکاڻ ڪندي چيو ته هو سندس لاءِ پيءُ جهڙي حيثيت رکندو هو.
اداڪارا موجب، هيو جيڪمين سيٽ تي ان ڳالهه جو خاص خيال رکندو هو ته کانئس مقرر وقت کان وڌيڪ ڪم نه ورتو وڃي ۽ هوءَ ڪنهن به قسم جي دٻاءَ يا اڻ وڻندڙ صورتحال جو شڪار نه ٿئي.
هن هيو جيڪمين کي انتهائي مهربان ۽ خيال رکندڙ ساٿي اداڪار قرار ڏنو.