وچ اوڀر ۾ تڪرار هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتي پاسدارانِ انقلاب (IRGC) سامونڊي لنگھ ھرمز جي نگراني بابت هڪ اهم وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي، جڏهن تہ ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي سامونڊي فوج ذريعي ناڪابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ھرمز عالمي واپار جو مرڪز
ھرمز، جيڪو ايران کي عمان سان ڳنڍي ٿو، دنيا جي سڀ کان اهم تيل واري سامونڊي رستن مان هڪ آهي، عالمي تيل جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو هن رستي مان گذري ٿو، تنهن ڪري هتي ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ عالمي معيشت لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي.
ايران جي ڊرون وڊيو
پاسدارانِ انقلاب پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي تہ ڊرونز ذريعي سامونڊي رستي جي هر حرڪت تي نظر رکي پئي وڃي، تيل کڻندڙ جهازن، جنگي ٻيڙن ۽ ٻين بحري سرگرمين کي ٽريڪ ڪيو پيو وڃي، ايران جي دعويٰ آهي ته علائقو مڪمل طور تي ان جي “ڪنٽرول” ۾ آهي.
وڊيو سان گڏ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ھرمز مان گذرندڙ هر قسم جي آمدورفت اسان جي مڪمل نگراني ۾ آهي.
ٽرمپ جي ڌمڪي
آمريڪي صدر ڊونلد ٽرمپ ٽرمپ جو اعلان ناڪابندي جي ڌمڪي ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي تہ آمريڪي بحريه ہرمز ۾ داخل ٿيندڙ يا نڪرندڙ جهازن تي ڪنٽرول قائم ڪندي، جيڪڏهن ضروري ٿيو ته مڪمل ناڪابندي به ڪئي ويندي جنهن جو مقصد ايران تي دٻاءُ وڌائڻ ۽ ان جي علائقائي اثر کي محدود ڪرڻ آهي، هي بيان عالمي سطح تي وڏي ڳڻتي جو سبب بڻيو آهي.
عالمي ردعمل ۽ خدشا
ماهرن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن سامونڊي لنگھ ہرمز ٻيهر بند ٿي وڃي ٿو ته تيل جون قيمتون تيزي سان وڌي سگهن ٿيون، وچ اوڀر ۾ فوجي ٽڪراءُ جو خطرو وڌي ويندو، عالمي واپار، خاص ڪري ايشيا ۽ يورپ متاثر ٿيندا، ڪجهه ملڪن سفارتي حل تي زور ڏنو آهي ته جيئن صورتحال کي جنگ ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائي سگهجي. هي صورتحال صرف ايران ۽ آمريڪا تائين محدود ناهي، پر هڪ عالمي بحران جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي، ايران جو ڊرون وڊيو جاري ڪرڻ هڪ واضح پيغام آهي ته هو ڪنهن به قسم جي فوجي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته آمريڪا به پنهنجي بحري طاقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي.