گلگت بلتستان: گلگت بلتستان جو ايندڙ حڪمران ڪير ٿيندو؟ چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هيل تائين حاصل ٿيل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي کي واضح سوڀ نظر اچي رهي آهي.
24 مان 19 تڪن جا نتيجا سامهون اچي چڪا آهن، جن موجب پيپلز پارٽي 9 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، جڏهن ته 6 سيٽون آزاد اميدوارن جي حصي ۾ آيون آهن. پاڪستان مسلم ليگ (ن) 3 سيٽن تي ڪامياب ٿي آهي، جڏهن ته مجلس وحدت المسلمين هڪ سيٽ حاصل ڪئي آهي.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي تڪن جي بي اي-4، جي بي اي-5، جي بي اي-7، جي بي اي-9، جي بي اي-10، جي بي اي-11، جي بي اي-12 ۽ جي بي اي-19 تي پيپلز پارٽي ڪاميابي ماڻي آهي، جڏهن ته جي بي اي-22 تي مسلم ليگ (ن)،جي بي اي-8 تي مجلس وحدت المسلمين ۽ جي بي اي-3، جي بي اي-23 ۽ جي بي اي-24 تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آھن.
هينئر تائين حاصل ٿيل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا:
تڪ GBA-1 گلگت 1: 80 مان 76 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو امجد حسين 10,490 ووٽن سان پهرين نمبر تي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو محمد شفيق الدين 6,245 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-2 گلگت 2: 91 مان 27 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جو حفيظ الرحمان 4,129 ووٽن سان اڳتي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو جميل احمد 2,695 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-3 گلگت 3: سڀني 82 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب آزاد اميدوار سيد سهيل عباس 7,877 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو آفتاب حيدر ايڊووڪيٽ 7,361 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ GBA-4 نگر 1: پيپلز پارٽي جو محمد علي اختر 7,654 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته اسلامي تحريڪ پاڪستان جو محمد ايوب وزيري 6,597 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ GBA-5 نگر 2: سڀني 32 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو ذوالفقار علي مراد 2,705 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته مجلس وحدت المسلمين جو رياض اڪبر 2,584 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ GBA-6 هنزه: آزاد اميدوار نيڪ نام ڪريم 6,360 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو امتياز الحق 5,381 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ GBA-7 اسکردو 1: پيپلز پارٽي جو سيد توقير مهدي 4,337 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جو راجا جلال حسين خان 3,891 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ GBA-8 اسکردو 2: مجلس وحدت المسلمين جو محمد ڪاظم 10,474 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو سيد محمد علي شاهه 10,118 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ GBA-9 اسکردو 3: پيپلز پارٽي جو فدا محمد ناشاد 6,314 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته آزاد اميدوار وزير محمد سليم 6,106 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ GBA-10 اسکردو 4: پيپلز پارٽي جو ناصر علي خان 6,582 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جو وزير محمد خان 4,667 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ GBA-11 کھرمنگ: 51 مان 11 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو اقبال حسن 1,607 ووٽن سان اڳتي، جڏهن ته آزاد اميدوار شجاعت حسين 897 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-12 شگر: پيپلز پارٽي جو عمران نديم 12,944 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته اسلامي تحريڪ پاڪستان جو راجا محمد اعظم خان 8,682 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ GBA-13 استور 1: 57 مان 36 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جو رانا فرمان علي 4,368 ووٽن سان اڳتي، جڏهن ته آزاد اميدوار شاهده 4,312 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-14 استور 2: 51 مان 35 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جو رانا محمد فاروق 4,300 ووٽن سان اڳتي، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جو شمس الحق لون 3,865 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-15 ديامر 1: 51 مان 11 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب آزاد اميدوار محمد دلپذير 1,426 ووٽن سان اڳتي، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو ولي الرحمان 996 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-16 ديامر 2: 42 مان 8 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب استحڪام پاڪستان پارٽي جو عتيق الله 1,302 ووٽن سان اڳتي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو محمد انور 1,069 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-17 ديامر 3: 46 مان 11 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو محمد نسيم 2,244 ووٽن سان اڳتي، جڏهن ته جميعت علماءِ اسلام (ف) جو رحمت خالق 1,128 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-18 ديامر 4: 32 مان 28 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جو ڪفايت الرحمان 4,068 ووٽن سان اڳتي، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جو گلبر خان 3,736 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-19 غذر 1: 78 مان 30 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) جو ظفر محمد 3,320 ووٽن سان اڳتي، جڏهن ته آزاد اميدوار نواز خان ناجي 3,017 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-20 غذر 2: 69 مان 25 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب آزاد اميدوار صفدر علي شيرازي 2,827 ووٽن سان اڳتي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو نذير احمد 2,713 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-21 غذر 3: 60 مان 30 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب آزاد اميدوار امان علي 5,169 ووٽن سان اڳتي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو غلام محمد 3,195 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
تڪ GBA-22 گھانچي 1: مسلم ليگ (ن) جو محمد ابراهيم ثنائي 9,308 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو عاشق حسين 8,052 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ GBA-23 گھانچي 2: آزاد اميدوار انور علي 12,117 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته آزاد اميدوار عبد الحميد 4,119 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
تڪ GBA-24 گھانچي 3: آزاد اميدوار اسد شفيق 8,092 ووٽن سان ڪامياب، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو محمد اسماعيل 5,072 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.