گلگت بلتستان چونڊون: پيپلز پارٽي 10 سيٽن سان اڳتي، ن ليگ 6، آزاد اميدوار 5 سيٽن تي ڪامياب

فہرستِ مضامین

اسڪردو: (خصوصي نمائندو)

گلگت بلتستان اسيمبلي جي 24 عام سيٽن تي ٿيل چونڊن جا غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي 10 سيٽن سان پهرين، مسلم ليگ (ن) 6 سيٽن سان ٻي ۽ آزاد اميدوار 5 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن 2 سيٽن ۽ مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) هڪ سيٽ حاصل ڪئي آهي.

غيرسرڪاري نتيجن موجب گلگت، نگر، اسڪردو، روندو، کھرمنگ، شگر، داريَل ۽ غذر جي مختلف تڪن مان پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته ن ليگ استور، تانگير، غذر ۽ گانڇي جي تڪن مان ڪاميابي ماڻي آهي. ڪيترن ئي تڪن ۾ آزاد اميدوارن پڻ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

24 رڪني ايوان ۾ حڪومت سازي لاءِ 13 سيٽن جي ضرورت آهي. عورتن جي 6 ۽ ٽيڪنوڪريٽن جي 3 مخصوص سيٽن جي ورهاست کانپوءِ اسيمبلي جون ڪل سيٽون 33 ٿي وينديون، جتي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 17 ميمبرن جي حمايت گهربل هوندي. وڏي انگ ۾ آزاد اميدوارن جي ڪاميابي سبب هو حڪومت سازي ۾ “ڪنگ ميڪر” جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

ٻئي طرف گلگت بلتستان جي چيف اليڪشن ڪمشنر راجا شهباز سڀني ريٽرننگ آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اميدوارن کي قانون موجب فارم 45 جاري ڪيا وڃن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته جتي ڳڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي، اتي فارم 45 فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ غير تصديق ٿيل خبرن کان پاسو ڪيو وڃي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻن اليڪشن عمل بابت ڪجهه تحفظات ظاهر ڪيا آهن. قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنون پري منتقل ڪرڻ سبب ووٽر متاثر ٿيا، جڏهن ته پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نير حسين بخاري الزام هنيو آهي ته ڪيترن هنڌن تي فارم 45 فراهم نه ڪيا پيا وڃن.

هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ شفيع جان دعويٰ ڪئي آهي ته کين مليل فارم 45 موجب سندن حمايت يافته اميدوار ڪيترن ئي تڪن ۾ برتري حاصل ڪري رهيا آهن.

گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ مجموعي طور 403 اميدوارن حصو ورتو، جڏهن ته ووٽرن وڏي انگ ۾ پولنگ اسٽيشنن تي پهچي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں