اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وفاقي حڪومت گئس جي موجوده 12 سليب واري ٽيرف نظام کي ختم ڪري هڪجهڙا گئس اگهه لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ۽ محفوظ صارفين کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي رليف ڏيڻ جي تجويز آهي.
رپورٽن موجب نئين نظام تحت صارفين کي مختلف استعمال جي سليب بدران هڪ يونيفارم اوسط گئس ٽيرف ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. موجوده تجويز موجب سراسري گئس ٽيرف لڳ ڀڳ 1708 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو رکڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
حڪومت جو منصوبو آهي ته محفوظ صارفين کي صرف گهٽ استعمال جي بنياد تي سستي گئس ڏيڻ بدران آمدني جي بنياد تي سبسڊي فراهم ڪئي وڃي، جيئن گهٽ آمدني وارن گهرن کي ٽارگيٽڊ رليف ملي سگهي.
ذريعن موجب سيپٽمبر کان آڪٽوبر 2026ع دوران آءِ ايم ايف جي چوٿين جائزي ۾ ڪراس سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ سنگل گئس ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ٽائيم لائن تي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو امڪان آهي.
نئين نظام جو مقصد گئس ٽيرف جي موجوده پيچيده ڍانچي کي سادو ڪرڻ ۽ مختلف صارفين وچ ۾ ڪراس سبسڊي جو نظام ختم ڪرڻ آهي. تنهن هوندي به، نئين ٽيرف سان مختلف صارفين جي گئس بلن تي اثر مختلف ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي اهي صارف جيڪي هن وقت گهٽ سليب تحت گئس حاصل ڪري رهيا آهن.