ڪراچي ۾ سڀاڻي کان برسات جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ سڀاڻي کان برسات جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آھي.

موسميات کاتي موجب اولھ کان ھوائن جو سلسلو پھرين اپريل تي ايران جي رستي بلوچستان ۾ داخل ٿيندو، سسٽم جي اثر ھيٺ ڪراچي ۾ پھرين اپريل جي رات کان برسات جي شروعات ٿي سگھي، جڏھن تہ 2 اپريل تي برسات جو امڪان وڌيڪ آھي.

موسميات کاتي ٻڌايو آھي تہ شھر ۾ 3 اپريل تي بہ برسات جو امڪان رھندو، ان دوران ڪجھ علائقن ۾ 50 ملي ميٽر يا ان کان وڌيڪ ٿي سگھي ٿي، جڏھن تہ سسٽم جي اثر ھيٺ تيز ھوائون بہ ٿي سگھن ٿيون، ھوائن جي رفتار 50 ڪلو ميٽر يا ان کان وڌيڪ ٿي سگھي ٿي.

موسميات کاتي جو چوڻ آھي تہ 4 آپريل تائين ھي سسٽم ملڪ تي اثرانداز ٿي سگھي ٿو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں