ڪراچي: گهريلو تڪرار تان مڙس جو زال تي تيزاب سان حملو

فہرستِ مضامین

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ گهريلو تڪرار دوران مڙس مبينا طور پنهنجي 14 ورهين جي زال تي تيزاب اڇلائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگري زخمي ٿي پئي.

پوليس موجب جوابدار ذيشان واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو، جڏهن ته زخمي نينگري نسيمه کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.

متاثر نينگري پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته سندس عمر 14 سال آهي ۽ هڪ سال اڳ سندس شادي ٿي هئي. هن الزام هنيو ته مڙس کيس روزانو تشدد جو نشانو بڻائيندو هو ۽ واقعي واري ڏينهن به مڙس مٿس تيزاب اڇلايو.

ٻئي طرف نينگري جي والد اڪبر جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءَ جي عمر 19 سال آهي ۽ ذيشان سان سندس پسند جي شادي ٿي هئي. والد موجب شادي کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ اڪثر جهيڙا ٿيندا رهندا هئا.

والد ٻڌايو ته آچر ڏينهن منجهند ڌيءَ جي سس کيس گهر ڇڏي وئي، جڏهن ته رات جو لڳ ڀڳ 8 وڳي ذيشان گهر پهتو. جنهن بعد جهيڙو ٿيو ۽ جوابدار تيزاب اڇلائي فرار ٿي ويو.

متاثر نينگري جي والد پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ذيشان جي ماءُ ۽ ڀيڻ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

واقعي ۾ متاثر نينگري جي عمر بابت سندس ۽ والد جي بيانن ۾ فرق سامهون آيو آهي، جڏهن ته شادي وقت عمر جي حوالي سان پڻ جاچ جي ضرورت آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں