ڪراچي: ريڊ زون جا روڊ ٻيهر بند، سنڌ اسيمبلي ڀرسان سيڪيورٽي سخت

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي ريڊ زون ۾ ايندڙ روڊ هڪ ڀيرو ٻيهر عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي ڏکڻ موجب آرٽس ڪائونسل کان سنڌ اسيمبلي ڏانهن ويندڙ روڊ ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بزنس روڊ کان اسيمبلي ڏانهن ويندڙ رستو به بند ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي جي گيٽ تائين رڳو لاڳاپيل ماڻهن کي وڃڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته اسيمبلي ڏانهن ويندڙ روڊ عام ٽريفڪ لاءِ بند رهندو.

واضح رهي ته سنڌ سول لائرز ڪميٽي سنڌ اسيمبلي ۾ صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت التوا واري رٿ خلاف اسيمبلي ٻاهران ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي.

امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي سنڌ اسيمبلي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. سائوٿ زون پوليس جي اضافي نفري سميت مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي مک دروازي تي پوليس ڪمانڊوز به مقرر ڪيا ويا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں