ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪو وسڪارو، موسم خوشگوار ٿي وئي

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رات دير سان مختلف علائقن ۾ هلڪو وسڪارو ٿيڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته گرمي ۽ حبس کانپوءِ شهرين کي ڪجهه راحت محسوس ٿي.

شهر جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان ڦوھار ٿي. صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، برنس روڊ، شاهراهه فيصل، طارق روڊ، بهادر آباد ۽ جمشيد روڊ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ھلڪي برسات جا اطلاع مليا.

ان کان علاوه ڪراچي ايئرپورٽ، شاهه فيصل، ملير، لانڍي ۽ ڪورنگي ۾ پڻ هلڪي ڦوھار جو سلسلو جاري رهيو.

اڄ ڪهڙن علائقن ۾ برسات جو امڪان؟

موسميات کاتي موجب اڄ اسلام آباد، خيبر پختونخوا، پوٺوھار واري خطي، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ لاڳاپيل جبلن وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

جڏهن ته ملڪ جي ٻين ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ حبس وارو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٻوڏ جو خدشو

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ ٻوڏ جو خدشو موجود آهي.

اختيارين پاران لاڳاپيل ادارن کي امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ هلڪي ڦوھار کانپوءِ موسم ۾ خوشگوار تبديلي آئي آهي، جڏهن ته شهرين پاران وڌيڪ برسات جي اميد پڻ ظاهر ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں