آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو جي ايران ۾ بغاوت ڪرائڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي آھي.
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ موجب نيتن ياھو ٽرمپ کي گذريل ھفتي ايراني عوام کي روڊن تي آڻڻ جي تجويز ڏني ھئي.
نيتن ياھو جو چوڻ آھي آھي تہ ايراني حڪومت ڏڦيڙ جو شڪار آھي ۽ ان کي وڌيڪ غيرمستحڪم ڪرڻ جو موقعو موجود آھي،ٽرمپ نيتن ياھو کي چيو تہ ماڻھن کي روڊن تي ڇو آڻيون؟ اھي مارجي ويندا.
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ موجب ٽرمپ ايراني حڪومت جي تبديلي کي فوري ھدف بڻائڻ کان پاسو ڪيو آھي.
ٻي پاسي آمريڪا ۽ اسرائيل عارضي طور تي ٻن ايراني عھديدارن پرڏيھي وزير عباس عراقچي ۽ اسپيڪر باقر قاليباب کي ھدف جي فھرست مان ڪڍي ڇڏيو آھي. ….