ڀارت پاران افغانستان سان گڏجي پاڪستان خلاف سوشل ميڊيا تي ڊس انفارميشن مھم ھلائڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.
پاڪستان بابت ناڪاري تاثر پکيڙڻ لاءِ جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽس جو استعمال ڪيو پيو وڃي، افغانستان سان گڏجي ڀارت پاران اسٽريٽجڪ ڊس انفارميشن حملا ڪيا پيا وڃن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي تہ ایران جي سڃاڻپ وارا ڪيترائي اڪائونٽ اصل ۾ ڀارت ۽ افغانستان مان ھلي رھيا آهن ۽ ايران جي نالي تي پاڪستان خلاف منظم پروپيگنڊا مهم شروع ڪئي وئي آهي۔
مهم جي شروعات “آءِ اين اين ايران نيوز” ۽ “ايران ٽي وي” جهڙن نام نهاد اڪائونٽس کان ڪئي وئي، جڏھن تہ پاڪستان خلاف ھٿرادو “ايراني ردعمل” بہ افغانستان مان هلندڙ اڪائونٽس ذريعي پکيڙيو ويو۔
ذريعن موجب پاڪستان تي آمریکا لاءِ تيل فراهم ڪرڻ جا ڪوڙا الزام لڳائي پروپيگنڊا کي هٿي ڏني وئي، جڏھن تہ هن مهم جو مقصد امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي تڪراري بڻائڻ آهي۔
ان کانسواءِ جعلي اڪائونٽس ذريعي پاڪستان کي ايران مخالف ۽ مغربي ايجنڊا جو حصو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔
ذريعن خبردار ڪيو آهي تہ اهڙي ڊس انفارميشن مهم اسلامي دنيا ۾ بي اعتمادي ۽ ويڇا پيدا ڪرڻ جو خطرناڪ منصوبو آھي…….