پيوٽن جو اهم بيان: مان نٿو سمجهان ته پاڪستان چين جي مڪمل ڪنٽرول هيٺ آهي

فہرستِ مضامین

ماسڪو(مانيٽرنگ ڊيسڪ)

روسي صدر ولاديمير پيوٽن  هڪ اهم بيان ڏيندي چيو آهي ته چين هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سرحدي تڪرارن ۽ انهن سان لاڳاپيل پيچيدگين کان چڱي ريت واقف آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو ته هو اهو نٿو سمجهي ته پاڪستان اهڙو ملڪ آهي جيڪو مڪمل طور تي چين جي ڪنٽرول هيٺ هجي.

سينٽ پيٽرسبرگ ۾ عالمي خابرو ادارن جي سربراهن سان ڳالهائيندي پيوٽن چيو ته پاڪستان هڪ وڏو ملڪ آهي، جنهن جا دنيا جي مختلف ملڪن سان گهڻ رخا لاڳاپا آهن. سندس خيال موجب پاڪستان يقيناً چين سان ويجهي تعاون کي اهميت ڏئي ٿو، پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته پاڪستان پنهنجي پاليسين بابت آزاد فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي.

پيوٽن پنهنجي گفتگو دوران هندستان ۽ چين جي لاڳاپن بابت پڻ ڳالهايو. هن چيو ته هندستان ۽ چين جا لاڳاپا انتهائي حساس، پيچيده ۽ گهڻ رخا آهن، تنهنڪري ڪنهن ٽئين ڌر لاءِ انهن معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ مناسب نه آهي. روس ٻنهي ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا رکي ٿو ۽ ماسڪو کي يقين آهي ته نريندر مودي ۽ شي جن  باهمي ڳالهين ذريعي پنهنجا اختلاف حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جن ۾ سرحدي تڪرار به شامل آهن.

روسي صدر اهو به چيو ته روس جي هندستان ۽ چين ٻنهي سان ڊگهي عرصي کان قائم شراڪتون هڪ ٻئي کان الڳ ۽ خودمختيار آهن. هن زور ڏنو ته روس جي چين سان ويجهڙائي هندستان جي نقصان تي ناهي ۽ نه ئي هندستان سان مضبوط لاڳاپا چين خلاف آهن.

سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته پيوٽن جو هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن عالمي سطح تي پاڪستان ۽ چين جي ويجهن لاڳاپن تي بحث جاري آهي. روسي صدر جي راءِ مان اهو تاثر ملي ٿو ته ماسڪو پاڪستان کي رڳو چين جي اثر هيٺ هلندڙ رياست طور نه پر هڪ خودمختيار ملڪ طور ڏسي ٿو، جيڪو پنهنجي قومي مفادن کي نظر ۾ رکندي مختلف عالمي طاقتن سان لاڳاپا برقرار رکي ٿو.

هي بيان روس جي ان روايتي سفارتي پاليسي جي به عڪاسي ڪري ٿو، جنهن تحت ماسڪو ڏکڻ ايشيا ۾ هندستان، پاڪستان ۽ چين سان متوازن لاڳاپا برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں