پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس ڀاڙن ۾ 60 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
صدر پاڪستان گڊز الائنس ملڪ شهزاد چيو تہ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي مذمت ڪيون ٿا، پيٽرول اگھن ۾ واڌ سان ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان ايندو۔
ملڪ شهزاد موجب حڪومت جي غلط پاليسين سبب لکين ماڻهو بيروزگار ٿي رھيا آهن، جيڪڏھن نظرثاني نہ ڪئي وئي تہ پاڪستان جي ٽرانسپورٽ بيهي ويندي.
ٻئي طرف پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ تي اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي۔
ايسوسيئيشن چيو آهي تہ ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ جي تناسب سان ڀاڙا وڌائڻ ممڪن ناهي، حڪومت سڌو چئي ڏئي تہ ٽرانسپورٽر پنهنجو ڪاروبار بند ڪري گهر ويھي رھن۔
واضح رھي تہ حڪومت گذريل رات پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏي واڌ ڪئي آهي۔
وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ ۽ ناڻي واري وزير گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو تہ پيٽرول جي قيمت ۾ 137 رپيا 24 پئسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 458 رپيا 41 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔ ان کانسواءِ ڊيزل بہ 184 رپيا 49 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي۔