پاڪستان يو اي ايِ کي 2 ارب ڊالر جي ادائيگي جو فيصلو متبادل ذريعن کان بندوبست ٿيڻ بعد ڪيو: ذريعا

فہرستِ مضامین

حڪومتي ذريعن موجب پاڪستان متبادل ذريعن مان رقم جو بندوبست ٿيڻ بعد گڏيل ارب امارات کي 2 ارب ڊالر جي ادائيگي جو فيصلو ڪيو ويو آھي.

حڪومتي ذريعن ٻڌايو آهي تہ پاڪستان کي جون تائين مجموعي طور 4.8 ارب ڊالر ادائيگيون ڪرڻيون آهن ۽ انهن ادائيگين جو بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي۔

ذريعن موجب پاڪستان کي ٻن دوست ملڪن کان 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم فراهم ڪرڻ جي خاطري ملي چڪي آهي۔

حڪومتي ذريعن موجب پاڪستان کي گڏيل طور تي يو اي اي کي 3.5 ارب ڊالر ادا ڪرڻا آهن، ان سلسلي ۾ هڪ يورو بانڊ بہ شامل آهي، جيڪو 10 سالن جي مدي پوري ٿيڻ بعد ميچور ٿي ويو آهي۔

ذريعن موجب يورو بانڊ جي ادائيگي هن هفتي ٿيڻ واري آهي، جنهن جو ڪاٿو 1.3 ارب ڊالر آهي۔……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں