لائیو پاڪستان جون ڪوششون ڪامياب، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاھدو ٿي ويو، جمعي تي جنگبندي معاھدي تي صحيحون ٿيڻ بعد آبناءِ ھرمز کلي ويندو: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ايران سان طئي ٿيل معاهدي کي هڪ عظيم معاهدو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو سڄي خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندو.

پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ماضي ۾ ڪيترن ئي آمريڪي صدرن ايران سان امن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا، جڏهن ته سندس چوڻ موجب موجوده اڳڀرائي پهريون ڀيرو حقيقي امن ڏانهن هڪ عملي قدم آهي.

هن وڌيڪ چيو ته معاهدي تحت آبنائي هرمز کي باضابطه طور کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن سان سامونڊي آمدرفت ۽ عالمي واپار بحال ٿي سگهندو. ٽرمپ موجب جنگبندي واري معاهدي تي جمعي ڏينهن صحيحن کان پوءِ آبنائي هرمز کي به کوليو ويندو.

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ 14 نڪاتي مفاهمتي مسودي جا تفصيل

ايراني خبر ايجنسي موجب مسودي تحت آمريڪي سامونڊي ناڪابندي 30 ڏينهن اندر ختم ڪئي ويندي، جڏهن ته ايران جي تيل ۽ پيٽروڪيميڪل شين جي برآمدن تي لڳايل پابنديون به معطل ڪيون وينديون.

مسودي ۾ لبنان سميت سڀني محاذن تي فوري ۽ مستقل جنگبندي شامل آهي. ان کان علاوه آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن کي ايران جي تعميرِ نو لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 300 ارب ڊالر فراهم ڪرڻا پوندا.

رپورٽ موجب حتمي معاهدي ۾ ايران جو ميزائل پروگرام ۽ مزاحمتي گروپن جي حمايت شامل نه هوندي. ڳالهين دوران ايران جا 24 ارب ڊالر جا منجمد اثاثا جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته آمريڪا ڳالهين کان اڳ ئي ايران جا 12 ارب ڊالر جا منجمد فنڊ آزاد ڪندو.

مسودي ۾ اهو به شامل آهي ته حتمي ايران-آمريڪا معاهدي جي توثيق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد ذريعي ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں