اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي اسٽريٽجڪ ذخيرن بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، پاڪستان ايگريڪلچرل اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن (پاسڪو) وٽ ڪڻڪ جا اسٽريٽجڪ ذخيرا تقريبن ختم ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ حڪومت ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
تفصيل موجب آءِ ايم ايف جي اجازت باوجود وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گهربل مقدار ۾ ڪڻڪ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، جنهن سبب پاسڪو وٽ موجود اسٽريٽجڪ ڪڻڪ جا ذخيرا تقريبن مڪمل طور ختم ٿي ويا آهن.
ذريعن موجب موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) ذريعي 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
حڪومت ڪڻڪ درآمد ڪرڻ کان اڳ ضروري شرطون مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا درآمدي عمل جي نگراني ڪندي.
حڪام موجب ڪڻڪ درآمد ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل شرطن ۾ پري شپمينٽ انسپيڪشن ڪرائڻ ۽ صوبن طرفان پنهنجي ضرورت موجب ڪڻڪ جي خريداري لاءِ گهربل رقم فراهم ڪرڻ شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي درآمد جو مقصد ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي يقيني بڻائڻ ۽ اسٽريٽجڪ ذخيرن کي ٻيهر مضبوط ڪرڻ آهي، جڏهن ته درآمدي عمل بابت وڌيڪ تفصيل لاڳاپيل ادارن جي مشاورت کانپوءِ سامهون اچڻ جو امڪان آهي.