پاسداران انقلاب جو انٽيليجنس چيف آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شھيد

فہرستِ مضامین

ايران جي پاسداران انقلاب انٽيليجنس جو چيف ماجد خادمي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملي ۾ شھيد ٿي ويو آھي، جنھن جي پاسداران انقلاب ۽ ايراني ميڊيا تصديق ڪئي آھي.

برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب ماجد خادمي جي شھادت جي تصديق ڪئي وئي آھي پر انھي حوالي سان ڪي بہ وڌيڪ تفصيل فراھم ناھن ڪيا ويا.

ياد رھي تہ ايران ميجر جنرل ماجد خادمي کي گذريل سال جون ۾ پاسداران انقلاب جي انٽيليجنس ونگ جو سربراھ مقرر ڪيو ھو، جڏھن تہ اڳوڻو جنرل محمد ڪاظمي ھڪ اسرائيلي حملي ۾ شھيد ٿي ويو ھو.

ان کان اڳ جنرل ماجد خادمي دفاع واري وزارت ۾ انٽيليجنس پروٽيڪشن آرگنائزيشن جي سربراھ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آھي.

ان کان اڳ اسرائيل جي دفاع واري وزير ھڪ بيان ۾ ماجد خادمي جي شھادت جو اعلان ڪيو ھو …..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں