اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): حڪومت طرفان پگهاردار طبقي جي ڪيترن ئي آمدني وارن سليبس تي انڪم ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ باوجود ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني جولاءِ ۾ پگهاردار طبقي کان 44 ارب رپيا انڪم ٽيڪس وصول ڪيو ويو، جيڪو گذريل ٻن سالن جي جولاءِ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.
ذريعن موجب مالي سال 2024-25ع جي جولاءِ ۾ پگهاردار طبقي کان 42 ارب رپيا، جڏهن ته 2023-24ع جي جولاءِ ۾ 30 ارب رپيا انڪم ٽيڪس وصول ڪيو ويو هو. اهڙي ريت هڪ سال دوران پگهاردار طبقي کان ٽيڪس وصولي ۾ 2 ارب رپين جو اضافو ٿيو، جڏهن ته ٻن سالن جي ڀيٽ ۾ وصولي 14 ارب رپين تائين وڌي وئي.
واضح رهي ته حڪومت هلندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 22 لک رپين کان وڌيڪ سالياني آمدني وارن مختلف ٽيڪس سليبس تي شرح گهٽائي هئي.
22 کان 32 لک رپين تائين سالياني آمدني واري سليپ تي انڪم ٽيڪس جي شرح 23 سيڪڙو مان گهٽائي 20 سيڪڙو ڪئي وئي، جڏهن ته 32 کان 41 لک رپين تائين آمدني تي شرح 30 سيڪڙو مان گهٽائي 25 سيڪڙو ڪئي وئي.
اهڙي طرح 41 کان 56 لک رپين تائين سالياني آمدني تي ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو مان گهٽائي 29 سيڪڙو، جڏهن ته 56 کان 70 لک رپين تائين آمدني وارن ماڻهن لاءِ شرح 35 سيڪڙو مان گهٽائي 32 سيڪڙو ڪئي وئي.
ٽيڪس جي شرحن ۾ گهٽتائي باوجود پگهاردار طبقي کان وصولي ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن کي ايف بي آر جي روينيو گڏ ڪرڻ واري ڪارڪردگي ۾ اهم واڌ طور ڏٺو پيو وڃي.