ٽرمپ اڄ فوجي قيادت سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندو، اھم اعلان جو امڪان

فہرستِ مضامین

وائٽ هائوس جي ترجمان موجب ڊونلڊ ٽرمپ اڄ اهم پريس ڪانفرنس ڪندو، جنهن ۾ ايران سان جاري ڇڪتاڻ بابت اهم ڳالهه ٻولهه ٿيندي۔

ترجمان ٻڌايو تہ صدر ٽرمپ آمريڪي وقت موجب منجهند 1 وڳي جڏھن تہ پاڪستاني وقت موجب رات 10 وڳي ميڊيا سان ڳالهائيندو۔

پريس ڪانفرنس وائٽ هائوس جي بريفنگ روم ۾ ٿيندي، جنهن ۾ اعليٰ فوجي قيادت بہ صدر سان گڏ موجود هوندي۔

وائٽ هائوس موجب هي پريس ڪانفرنس آمريڪي ميڊيا جي مسلسل مطالبن تي رکي پئي وڃي، جنهن دوران صدر ٽرمپ ايران بابت موجوده صورتحال ۽ ممڪن قدمن تي سوالن جا جواب ڏيندو۔

سياسي ۽ سفارتي ڌرين هن پريس ڪانفرنس کي انتهائي اهم قرار ڏنو آھي، جتي علائقي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ وڏن اعلانن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں