ٽرمپ ايران جي توانائي ھنڌن تي حملن لاءِ 10 ڏينھن جي مھلت ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي توانائي تنصيبات تي حملن لاءِ 10 ڏينهن جي وڌيڪ مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

آمريڪي صدر پاران سوشل ميڊيا تي جاري پيغام ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تہ اهو فيصلو ايران جي درخواست تي ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ انتهائي اهم ۽ ھاڪاري ڳالهيون جاري آهن۔

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران آبنائي هرمز لنگھ وٽان تيل کڻندڙ جهازن جي جزوي بحالي جي اجازت ڏئي آمريڪا لاءِ نرم رويي جو اشارو ڏنو، جنهن کانپوءِ اها غير معمولي رعايت سامهون آئي آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں