رياض / تهران / گڏيل قومون (نيوز ڊيسڪ)
وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال شروع ٿيڻ کانپوءِ سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ پهريون اهم رابطو ٿيو آهي، جڏهن سعودي پرڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان کي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي فون ڪيو.
سعودي پرڏيهي وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ بابت مختلف طريقن تي غور ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي ٻيهر بحال ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
ذريعن موجب، هي رابطو اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن وچ اوڀر ۾ جنگي خطرا وڌي رهيا آهن ۽ ڪيترائي ملڪ سفارتي سطح تي صورتحال کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ٻئي طرف، لبنان تي اسرائيل جي تازي حملن کانپوءِ عالمي سطح تي سخت ردعمل سامهون آيو آهي. پاڪستان، برطانيا، فرانس ۽ گڏيل قومن اسرائيلي ڪارروائين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته لبنان تي حملا عالمي قانون ۽ انساني اصولن جي ڀڃڪڙي آهن، جيڪي خطي ۾ وڌيڪ بدامني جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
برطانيا ۽ فرانس پڻ پنهنجي بيانن ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ قبول ناهي .
گڏيل قومن جي ترجمان پڻ چيو آهي ته لبنان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ۽ سڀني ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪندي تڪرار کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي.تجزيو ڪندڙن موجب، سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ رابطو علائقي ۾ وڏي تبديلي جو اشارو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ ماضي ۾ هڪٻئي جا مخالف رهيا آهن. جيڪڏهن هي سفارتي ڪوششون جاري رهيون ته خطي ۾ جنگي خطرا گهٽجي سگهن ٿا.