وچ اوڀر ڇڪتاڻ: وزيراعظم جو ھفتي ۾ ايراني صدر سان ٻيو ڀيرو رابطو، ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي ۽ امن ڪوششن تي ڳاليھون

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وزيراعظم شھباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ھڪ ھفتي دوران ٻيو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آھي، جنھن ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم ھائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تہ وزيراعظم شھباز شريف ۽ ايراني صدر وچ ۾ ڳالھ ٻولھ ھڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رھي، ٻنھي اڳواڻن خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي ۽ امن جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

وزيراعظم شھباز شريف ايران تي اسرائيلي جي مسلسل حملن، خاص طور تي گذريل ڏينھن شھري ٿاڪن تي ٿيل تازن حملن جي مذمت ڪئي ۽ ڏکين حالتن ۾ ايراني عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجھتي ۽ حمايت جو اظھار ڪيو.

شھباز شريف 1900 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي شھيدن لاءِ دعا  گھري ۽زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

وزيراعظم ايراني صدر کي پنھنجي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران آمريڪا، برادر نار ۽ اسلامي ملڪن سان جاري سفارتي رابطن کان آگاھ ڪيو، جن جو مقصد امن ڳالھين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو آھي.

ھُن پاڪستان جي امن قدمن جي ڀرپور حمايت جو ذڪر ڪندي اميد ظاھر ڪئي تہ اجتماعي ڪوششن سان ڇڪتاڻ جي خاتمي جي اثرائتي واٽ نڪرندي.

مسعود پزشڪیان وزيراعظم جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي ایران خلاف اسرائیلي قدمن بابت پنهنجو مؤقف واضح ڪيو، ڳالهين ۽ ٽياڪڙي لاءِ اعتماد سازي جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان جي ھاڪاري ڪردار جي واکاڻ ڪئي۔

وزيراعظم شھباز شریف ايراني صدر جا ٿورا مڃيندي يقين ڏياريو تہ پاڪستان علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں