روس جي پرڏيهي وزير سارگي لاروف Sergey Lavrov خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري بحران ڪنهن به وقت وڏي تڪرار يا جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو۔
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهي آهي، جنهن جا اثر صرف وچ اوڀر تائين محدود نه رھندا، پر عالمي سطح تي به پئجي سگهن ٿا.
سرگئي لاروف موجب آمريڪا ۽ اسرائيل پاران علائقي ۾ “ريجم چينج” (حڪومتون تبديل ڪرڻ) جون ڪوششون جاري آهن، انهن ڪوششن جو اصل مقصد تيل ۽ گيس جي وسيلن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي، ڪجھ عالمي طاقتون پنهنجي مفادن لاءِ علائقي کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪي رهيون آهن۔
آمريڪا ۽ اسرائيل تي الزام
لاروف الزام هنيو تہ آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ بهتر ٿيندڙ لاڳاپن کي برداشت نٿا ڪن، اهي ملڪ نٿا چاهين ته علائقي ۾ امن ۽ سفارتي لاڳاپا مضبوط ٿين۔
خطي جي صورتحال
وچ اوڀر هن وقت سخت تڪرار جو شڪار آهي، جتي ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رھي آهي، آمريڪا به علائقي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڪيترن ملڪن طرفان جنگي تياريون ۽ بيان بازيون جاري آهن.
عالمي خدشا
تجزيہ نگارن موجب جيڪڏھن صورتحال تي ڪنٽرول نه ٿيو تہ اهو تڪرار علائقائي جنگ کان عالمي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، روس جي هن خبرداري کان پوءِ عالمي برادري ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي ۽ سفارتي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو پيو وڃي ته جيئن خطي کي وڏي جنگ کان بچائي سگهجي.