وچ اوڀر تڪرار، سعودي، ترڪيہ ۽ مصر جا پرڏيھي وزيرن سان سڀاڻي اھم ملاقات، اسحاق ڊار جي تصديق

فہرستِ مضامین

اسلام آباد:  پرڏيھي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب، ترڪيہ ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن  جي ميزباني جي تصديق ڪري ڇڏي آھي۔

هن وڌيڪ ٻڌايو تہ ملاقات ترڪيہ ۾ طئي ٿيل هئي، پر مصروفيتن سبب هن پنهنجي “ڀائرن” کي اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏني، هن چيو تہ ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان تڪرار ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ دوست ملڪ بہ مڪمل سهڪار ڪري رھيا آهن۔

اسحاق ڊار موجب ايران سان بہ ڳالهيون جاري آهن ۽ هلندڙ ڳالهين سبب هن وقت ميڊيا سان وڌيڪ ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي۔

واضح رھي تہ ان کان اڳ اها خبر سامهون آئي هئي تہ آمريڪا جنگبندي لاءِ پاڪستان ذريعي ايران کي 15 نقطن تي ٻڌل فارمولو پيش ڪيو، جنهن جي ايران تصديق ڪئي ۽ پوءِ ايران پنهنجو جواب بہ پاڪستان ذريعا آمريڪا تائين پهچايو۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں