ويسٽ انڊيز 2027ع ورلڊ ڪپ لاءِ سڌي ڪواليفڪيشن کان محروم، ٻيهر ڪواليفائر کيڏڻو پوندو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ٻه ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم 2027ع جي آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ٽيم کي مسلسل ٻي ڀيرو ڪواليفائر مرحلو کيڏڻو پوندو.

افغانستان آئرلينڊ کي شڪست ڏئي سڌي ريت ورلڊ ڪپ ۾ جاءِ پڪي ڪري ورتي، جنهن سان ويسٽ انڊيز لاءِ سڌي ڪواليفڪيشن جا امڪان ختم ٿي ويا.

ورلڊ ڪپ 2027ع لاءِ ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي ميزبان طور اڳ ئي ڪواليفاءِ ڪري چڪا آهن، جڏهن ته رينڪنگ ۾ ٽاپ ٽيمن کي به سڌي ريت ٽورنامينٽ ۾ جاءِ ملڻي آهي. پاڪستان، آسٽريليا، ڀارت، نيوزيلينڊ، سري لنڪا، انگلينڊ ۽ بنگلاديش سميت ٻيون ٽيمون به سڌي ڪواليفڪيشن حاصل ڪري چڪيون آهن.

ويسٽ انڊيز هن وقت رينڪنگ ۾ 10هين نمبر تي آهي ۽ ايندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندڙ ڪواليفائر ذريعي ورلڊ ڪپ ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪندي.

ياد رهي ته ويسٽ انڊيز 2023ع جي ورلڊ ڪپ لاءِ به ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي هئي، تنهن ڪري 2027ع جي ورلڊ ڪپ لاءِ ٻيهر ڪواليفائر کيڏڻ ٽيم لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں