وفاقي، مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن ۽خاص مددگارن ھلندڙ سال ڪيتري پگھار ورتي؟

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: ھلندڙ سال ڪابينا ميمبرن، صلاحڪارن، معانن پگھارن ۽ الائونس جي مد ۾ 40 ڪروڙ 72 لک 16 ھزار وصول ڪيا

اسلام آباد: وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن پاران هن سال دوران ورتل پگهارن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن۔

سرڪاري دستاويزن موجب، هلندڙ مالي سال ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن (صلاحڪارن ۽ خاص معاونن سميت) پگهارن ۽ الائونسز جي مد ۾ 40 ڪروڙ 72 لک 16 هزار رپيا وصول ڪيا آهن۔

وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن لاءِ 100 کان وڌيڪ گاڏين جي استعمال، مرمت ۽ پيٽرول تي 26 ڪروڙ 64 لک رپيا خرچ ٿي چڪا آهن۔

هن سال وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن لاءِ ڪل 68 ڪروڙ 87 لک 27 هزار رپيا رکيا ويا آهن۔………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں