وزيراعظم شھباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو آھي، ٻنھي اڳواڻن وچ ۾ 45 منٽ ڳالھ ٻولھ ٿي، جنھن ۾ تازي جنگبندي ۽ مستقبل جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سوشل ميڊيا تي جاري بيان موجب وزيراعظم شھباز شريف جنگبندي لاءِ ايراني قيادت جي ڏاھپ جي واکاڻ ڪئي ۽ آمريڪا سان اسلام آباد ۾ ڳالھين لاءِ راضي ٿيڻ تي ٿورا مڃيا، وزيراعظم شھباز شريف ايراني صدر کي سپريم ليڊر متجبيٰ خامنہ اي جو پيغام پھچايو.
پڌرائي موجب ايراني صدر مسعود پزشڪيان 2 ھفتن جي جنگبندي لاءِ قدم کڻڻ تي وزيراعظم شھباز شريف ۽ پاڪستاني ليڊرشپ جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاڪستاني وزيراعظم کي آگاھ ڪيو تہ ايران جو وفد اسلام آباد ايندو ……