وزيراعظم پاران ايراني ۽ آمريڪي وفدن کي ڳالھين لاءِ اسلام آباد اچڻ جي دعوت

فہرستِ مضامین

پاڪستان جي ڪوششن سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران تي حملا روڪڻ جي اعلان کانپوءِ وزيراعظم شھباز شریف چيو تہ کيس هي اعلان ڪندي خوشي ٿي رھي آهي تہ ايران ۽ آمريڪا پنهنجي اتحادي ملڪن سان گڏ، لبنان ۽ ٻين سڀني هنڌن تي فوري جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪا فوري طور لاڳو ٿي وئي آهي۔

وزيراعظم سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن ڏاھپ واري قدم جي ڀرپور آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي قيادت جا ٿورا مڃيا۔

وزيراعظم چيو تہ هنن سڀني تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ حتمي معاهدي تي وڌيڪ ڳالهين جي مقصد سان ٻنهي ملڪن جي وفدن کي 10 اپريل تي اسلام آباد سڏائي ورتو آھي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو تہ پوري اميد آهي تہ “اسلام آباد ڳالهيون” پائيدار امن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينديون ۽ اسان ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سٺيون خبرون شيئر ڪرڻ جا خواهشمند آهيون۔

ياد رھي تہ آمريڪي صدر ٹرمپ پاڪستان جي ٻن هفتن واري جنگبندي جي تجويز قبول ڪري ورتي آهي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں