ذريعن موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ جي گورنر سان ملاقاتون ڪندو، جن ۾ مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
ذريعن ٻڌايو آهي تہ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان جي گھر ويندو ۽ ساڻس ڌيءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت بہ ڪندو.
واضح رھي تہ سنڌ ۾ مسلم ليگ ن جو گورنر اچڻ بعد وزيراعظم شھباز شريف جو ھي پھريون دورو آھي.