نوان انتظامي يونٽ ئي مسئلن جو حل آهن، فيصلو عوام تي ڇڏڻو پوندو: محسن نقوي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ گورننس ۽ انتظامي مسئلن جو مستقل حل نون انتظامي يونٽن يا صوبن جي قيام ۾ آهي. هن چيو ته ان معاملي تي آخري فيصلو عوام کي ڪرڻ گهرجي ۽ سياسي قيادت کي گڏجي نظام ۾ سڌارا آڻڻا پوندا.

پاڪستان جي پهرين اڪنامڪ سمٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ملڪ ۾ موجود انتظامي نظام هاڻي پنهنجي افاديت وڃائي چڪو آهي ۽ مسئلن جي حل لاءِ بنيادي سڌارا وقت جي اهم ضرورت بڻجي ويا آهن.

هن چيو ته ملڪ جي مختلف صوبن مان آيل شرڪت ڪندڙن پنهنجا مسئلا بيان ڪيا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته موجوده نظام عوام جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي حمايت موجود آهي، پر بهتر نتيجن لاءِ نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ضروري آهي.

محسن نقوي چيو ته عام ماڻهو کي بنيادي سهولتون گهرجن، پر اڄ به ڪيترن ماڻهن کي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلاڪن جا سفر ڪرڻا پون ٿا. هن چيو ته نون انتظامي يونٽن يا صوبن بابت معاملو عوام آڏو رکڻ گهرجي، ڇو ته اهڙي قدم سان بهتر گورننس، عوام تائين سهولتن جي آسان رسائي ۽ نئين قيادت کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملندو.

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سياسي جماعتن کي هڪ ميز تي ويهي نون صوبن سميت ٻين قومي معاملن تي اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻي پوندي، ڇو ته نظام جي تنظيمِ نو کان سواءِ حقيقي تبديلي ممڪن ناهي.

هن نوجوانن بابت ڳالهائيندي چيو ته رڳو ليپ ٽاپ يا ٽيبليٽ ڏيڻ سان نوجوان مطمئن نه ٿيندا، پر هو شفاف نظام، ميرٽ تي روزگار ۽ پنهنجن بنيادي حقن جا طلبگار آهن.

محسن نقوي ڪاروباري برادري تي به زور ڏنو ته اها صرف سياسي فنڊنگ تائين محدود نه رهي، پر ملڪ جي سياسي ۽ انتظامي سڌارن ۾ به اڳڀرو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سخت محنت ڪري رهيا آهن، پر نظام کي ري سيٽ ڪرڻ کان سواءِ ملڪ جا بنيادي مسئلا حل نٿا ٿي سگهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں