لاهور، ڪوئيٽا، پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) طوفاني برساتن سڄي ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، برساتن ۽ ٻوڏ جهڙي صورتحال سبب گهٽ ۾ گهٽ 14 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن۔
سوات ۾ سيف الله ڍنڍ ۾ ٻيڙي ٻڏي وڃڻ سبب 6 سياح فوت ٿي ويا، جن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ گم ٿيل عورت جي ڳولا جاري آهي۔ فوت ٿيل سڀئي ماڻهو هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندا هئا۔
اٽڪ ۾ ڀت ۽ ڇت ڪرڻ جي واقعن ۾ ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا۔
لنڊي ڪوتل ۾ وڄ ڪرڻ سبب 2 ٻار فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته دير بالا ۾ وڄ ڪرڻ سبب مدرسي جون 20 شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون۔
ژوب ۾ برسات دوران ڇتيون ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽ هڪ ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته گنجيال قائد آباد ۾ وڄ ڪرڻ سبب هڪ شهري حياتي وڃائي ويٺو۔
ايبٽ آباد ۾ برساتي نالي ۾ گاڏي لڙهي وڃڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مردان ۾ طوفاني برسات سبب سائن بورڊ ۽ ڀت ڪرڻ جي واقعن ۾ 2 ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔
اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته لاهور جي مختلف علائقن ۾ به تيز برسات پئي ۽ ٿڌين هوائن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي۔ ڪيترن ئي علائقن ۾ فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي۔
اٽڪ، پنڊي ڀٽيان، منڊي بهاوالدين، سرگوڌا، ڀيرا، حافظ آباد، قصور ۽ مريدڪي ۾ به سٺي برسات پئي، جڏهن ته گجرات ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو۔
هري پور ۾ تيز برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو ۽ برساتي پاڻي روڊن تي گڏ ٿي ويو، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ گجگوڙ سان گڏ طوفاني برسات کانپوءِ روڊ تلائن جو منظر پيش ڪرڻ لڳا ۽ برساتي پاڻي دڪانن ۾ داخل ٿي ويو۔
خضدار، ژوب ۽ ڪوهلو ۾ به سٺي برسات پئي، صوابي ۾ برسات سان گڏ ڳڙا به پيا، جڏهن ته ڪراچي ۾ به ڪڪر ڇانيل رهيا ۽ نيو ڪراچي، گلشن معمار ۽ گڊاپ ۾ هلڪي برسات (بوندا باندي) ٿي۔
گلگت بلتستان جي علائقي ديامر جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن گيس بالا، گيس پائين ۽ نياٽ وادي ۾ مون سون برساتون شروع ٿيڻ سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي، رابطي واري سڙڪ متاثر ٿي ۽ ٻوڏ جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو۔
اختيارين موجب ٻوڏ سبب ماڻهن جا فصل، باغ ۽ زرعي زمينون سخت متاثر ٿيون آهن، جڏهن ته نياٽ وادي ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب زميني رابطو به ڪٽجي ويو آهي، جنهن ڪري رهواسين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔
ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب متاثر علائقن ۾ بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته مٿاهين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو جاري آهي۔
اين ڊي ايم اي امڪاني خطرن بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ سبب ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته جبلائي ۽ برساتي نالن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اوچتو واڌ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔