تهران: ايران جي صدر مسعود پزشڪيان آمريڪا سان ڳالهين جي حمايت ڪندي چيو آهي ته سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي انهن ڳالهين تي ڪا پابندي لاڳو ناهي ڪئي۔
ايراني سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري آءِ آر اين اي موجب صدر پزشڪيان چيو ته جيڪڏهن سپريم ليڊر ڳالهيون نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ها ته حڪومت يقيني طور تي ان تي عمل ڪري ها۔
واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي يادداشت بابت سپريم ليڊر جي موقف کان پوءِ ايران اندر ان معاهدي تي بحث جاري آهي، ڇاڪاڻ ته هن چيو هو ته ان معاهدي بابت سندس راءِ مختلف آهي۔
نيم سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري تسنيم نيوز ايجنسي موجب صدر پزشڪيان چيو آهي ته ملڪ جي هٿياربند فوجن جو دفاع ڪرڻ منهنجو فرض آهي ۽ مون کي ان تي فخر آهي۔