مقصد حاصل ڪرڻ تائين جنگ جاري رھندي، ٽرمپ جو ايران تي وڌيڪ سخت حملا ڪرڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ايندڙ ٻن کان ٽن ھفتن اندر ايران تي وڌيڪ سخت حملا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.

آمريڪي صدر پنهنجي خطاب ۾ ايران خلاف جنگ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو تہ جلد ئي سڀ فوجي هدف حاصل ڪيا ويندا۔

صدر ٽرمپ چيو تہ ايران خلاف آپريشن کي هڪ مهينو ٿي چڪو آهي ۽ چار هفتن دوران آمريڪي فوج فيصلائتا حملا ڪيا آهن۔
هن دعويٰ ڪئي تہ ايران جي نيوي ۽ ايئر فورس کي مڪمل طور تباهہ ڪيو ويو آهي، ڪيترائي اڳواڻ مارجي چڪا آهن، رجيم ختم ٿي چڪي آهي ۽ ايران جي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي صلاحيت بہ ختم ڪئي وئي آهي۔

هن وڌيڪ چيو تہ جنگ جو مشڪل مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ايران ڪو وڏو خطرو ناهي رھيو، جڏھن تہ حڪمت عملي جا هدف مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن ۽ مشن مڪمل ٿيڻ تائين جنگ جاري رھندي۔

صدر ٽرمپ ايران جي تيل تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جو بہ اشارو ڏنو ۽ خبردار ڪيو تہ ايران کي “پٿر جي دور” ۾ واپس موڪلي سگهجي ٿو۔

آمريڪي صدر ايران خلاف جنگ دوران 13 آمريڪي فوجين جي موت جي تصديق ڪئي ۽ ايراني حڪومت تي 45 هزار مظاهرين کي مارڻ جو الزام لڳايو، پر هن ان بابت ڪو ثبوت پيش نہ ڪيو۔

هن چيو تہ ايراني حڪومت سالن کان “آمريڪا مردہ باد” ۽ “اسرائيل مردہ باد” جا نعرا هڻندي رھي آهي ۽ اها صورتحال 47 سالن کان جاري آهي۔

آبنائي ھرمز بابت ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو تہ آمريڪا کي هن رستي جي ضرورت ناهي، ڇو تہ آمريڪا نہ هتان تيل وٺي ٿو ۽ نہ وٺندو۔

هن چيو تہ جن ملڪن وٽ تيل ناهي، اهي آمريڪا کان حاصل ڪن، جڏھن تہ ٻيا ملڪ پاڻ هرمز مان تيل حاصل ڪن، جڏھن تڪرار ختم ٿيندو تہ هرمز پاڻمرادو کلي ويندو۔

صدر پنھنجي خطاب دوران، اسرائيل، سعودي عرب، قدر، يو اي اي، ڪوئت ۽ بحرين کي عظيم ملڪ قرار ڏيندي چيو تہ آمريڪا انهن کي ڪنهن بہ نقصان کان بچائيندو۔

تيل جي قيمتن بابت ڳالهائيندي هن چيو تہ ڪيترائي ملڪ وڌندڙ قيمتن سبب پريشان هئا، قيمتون ايران جي پاڙيسري ملڪن تي حملن سبب وڌيون، پر هاڻي آمريڪا کي وچ اوڀر جي تيل جي ضرورت ناهي ڇو تہ آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏو آئل ۽ گيس پيدا ڪندڙ بڻجي چڪو آهي۔……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں