آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سخت بيان ڏيندي خبردار ڪيو آهي تہ جيڪڏھن تڪڙو معاهدو نہ ٿيو تہ ايران کي سخت تباهيءَ جو منھن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو،سندس چوڻ هو تہ وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار هفتن ۾ نہ پر ڪجھ ڏينھن ۾ ختم ٿيڻ گهرجي.
آمريڪي نشرياتي اداري ’اي بي سي نيوز‘ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ جيڪڏھن ايران سان ڪو معاهدو طئي نہ ٿيو تہ ڪجھ حصن کي ڇڏي ڪري سڄي ايران کي تباه ڪري سگهجي ٿو.
هن وڌيڪ چيو تہ آمريڪا لاءِ زميني فوج موڪلڻ ضروري ناهي، پر ان امڪان کي مڪمل طور رد نٿو ڪري سگهجي.
ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي هرمز جي معاملي تي پڻ ايران کي سخت تنبيهه ڪئي ۽ چيو تہ جيڪڏھن ايران اها اهم آبي گذرگاهه نہ کولي تہ شهري تنصيبات کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو ۽ صورتحال انتھائي سنگين ٿي ويندي.
سندس چوڻ هو تہ ايران لاءِ ايندڙ ڏينھن اهم آهن ۽ نتيجا تمام سخت ٿي سگهن ٿا.
ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر ايران خلاف سخت لفظ استعمال ڪندي چيو تہ جيڪڏهن آبنائي هرمز بند رھي تہ ايران جي معيشت ۽ بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهچي سگهي ٿو، جنھن ۾ پل، پاور پلانٽس ۽ ٻيون اهم تنصيبات شامل آهن……