مستحق ماڻهن کي ايل پي جي تي بي آءِ ايس پي ذريعي رليف ڏينداسين: وفاقي وزير

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو آهي ته مستحق ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ڊيٽا تحت ايل پي جي تي رليف فراهم ڪيو ويندو.

هڪ بيان ۾ هن چيو ته عالمي مارڪيٽ جي حساب سان ايل پي جي جي قيمت 450 رپيا في ڪلو بڻجي ٿي، ڪجهه عنصرن ايل پي جي تي ناجائز منافعو ڪمايو، پر عوام کي سستي ايل پي جي فراهم ڪئي ويندي.

علي پرويز ملڪ موجب ايل پي جي جي درآمد کي مقابلي جي بنياد تي کوليو پيو وڃي، جڏهن ته سموريون ڪمپنيون پنهنجي ويب سائيٽن تي ايل پي جي جا اگهه ظاهر ڪنديون. مقامي ايل پي جي جي فراهمي نيلامي ذريعي ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڊسمبر ۽ جنوري دوران ملڪ ۾ گئس جي فراهمي برقرار رکي وڃي.

هوڏانهن وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت آهي ته عوام تي اضافي بار نه پوي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته ايل پي جي بابت فيصلن جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں