ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مزار قائد تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وفاق طرفان صوبن جا وسيلا پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ يا اين ايف سي ايوارڊ بابت اهڙي ڪا ڳالهه سامهون ناهي آئي، جڏهن ته سنڌ جي ورهاڱي بابت واضح موقف اختيار ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.
وڏي وزير چيو ته بجيٽ کان اڳ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن وفاق سان ايم او يو تي صحيحون ڪيون. هن چيو ته ايم او يو ۾ واضح طور لکيل آهي ته ستين اين ايف سي ايوارڊ جو سلسلو جاري رهندو.
گورنر جي مقرري بابت سوال تي سيد مراد علي شاهه چيو ته گورنر کي وزيراعظم جي سفارش تي صدر مملڪت مقرر ڪندو آهي.
هن چيو ته جيڪو شخص صوبي جو گورنر بڻجي ٿو، اهو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سنڌ جي نمائندگي به ڪري ٿو ۽ وفاق جي به نمائندگي ڪندو آهي.
مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن کي ڳالهائڻ کان روڪي نٿو سگهجي، جمهوريت جي خاصيت ئي اها آهي ته هر ماڻهو کي پنهنجي راءِ جي اظهار جو حق حاصل هجي.
سنڌ جي ورهاڱي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته صوبن جون سرحدون صرف آئيني ترميم ذريعي تبديل ٿي سگهن ٿيون.
هن چيو ته جيڪڏهن صوبن جون سرحدون تبديل ڪرڻيون هجن ته رڳو قومي اسيمبلي اهڙي آئيني ترميم منظور نٿي ڪري سگهي، جيستائين لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي ان جي حق ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان قرارداد منظور نه ڪري.
سيد مراد علي شاهه چيو تہ صوبائي اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ صدر مملڪت به اهڙي دستاويز تي صحيح نٿو ڪري سگهي.
وڏي وزير چيو ته اڳوڻي فوجي حڪمران جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ آئين ۾ اهڙي شق شامل ڪئي وئي، جيڪا سندس خيال ۾ غير مناسب آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي ڪو فيصلو ڪري ۽ صوبو ان کي رد ڪري ڇڏي ته به ان عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ صوبائي اسيمبلي جي منظوري ضروري آهي.
مراد علي شاهه چيو ته ”هي شق غلط آهي، منهنجي خيال ۾ ان کي ختم ٿيڻ گهرجي.“
هن واضح ڪيو ته ان ئي سبب سنڌ اسيمبلي مان سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد منظور ڪرائي وئي هئي.
سنڌ جي ورهاڱي بابت وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن خدا نه ڪري قومي اسيمبلي سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪا قرارداد منظور ڪري ٿي ته سنڌ اڳ ئي ان کي رد ڪري چڪي آهي.
هن چيو ته ”اسان سنڌ جي ورهاڱي واري عمل کي اڳ ئي رد ڪري ڇڏيو آهي.“
مراد علي شاهه چيو ته ٻين صوبن بابت ڳالهائڻ جو هو مجاز ناهي، هر ماڻهو پنهنجي صوبي بابت راءِ ڏئي سگهي ٿو، پر سنڌ جي ماڻهن پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.
وڏي وزير چيو ته بزنس فورمن ۾ اهڙي قسم جي ڳالهين کي گهڻي اهميت نه ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته جڏهن پاڪستان جو نظام ختم ٿيڻ يا ڪليپس ٿيڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون ته اتي موجود ڪيترن ئي وڏن صنعتڪارن طرفان تاڙيون وڄايون ويون، جيڪا حيران ڪندڙ ڳالهه هئي.
مراد علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا موجود آهن، غربت آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي اسڪولن جي کوٽ آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن.
هن چيو ته سندس ڌيان صوبي کي بهتر بڻائڻ، شهرن کي ترقي ڏيڻ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي آهي.
سنڌ ۾ سياسي استحڪام بابت وڏي وزير چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جتي گذريل 20 سالن کان مستحڪم حڪومت هلي رهي آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته سنڌ جي عوام 2008ع، 2013ع، 2018ع ۽ 2026ع ۾ چار ڀيرا پاڪستان پيپلز پارٽي کي چونڊيو آهي ۽ هر ڀيري پارٽي کي اڳ کان وڌيڪ ووٽ مليا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي تي ماڻهن جو اعتماد آهي ۽ حڪومت لاءِ سنڌ جي عوام جي راءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي.
منشيات جي خاتمي بابت وڏي وزير چيو ته حڪومت جو ان معاملي تي واضح موقف آهي ۽ منشيات جو خاتمو سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
هن چيو ته پوليس، ايڪسائيز ۽ نارڪوٽڪس سميت سمورا لاڳاپيل ادارا منشيات جي خاتمي لاءِ سرگرم آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڪارروائيون جاري آهن.